رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديري جي مشهور ماڙين مان هڪ ماڙي

رتوديري جي مشهور ماڙين مان هڪ ماڙي

رتوديرو 2

رتوديرو 2 (شهر): رتوديرو، لاڙڪاڻي ضلعي جو اهم تاريخي شهر ۽ تعلقي ’رتيديري‘ جو هيڊڪوارٽر آهي، جيڪو 27.480 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.200 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شهر کي تاريخي اهميت حاصل آهي. هي شهر، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اباڻو تڪ به رهيو آهي. پاڪستان جي 65 سالن جي تاريخ ۾ پوري ملڪ ۾قومي اسيمبليءَ جو هي واحد تڪ آهي، جنهن کي اها حيثيت حاصل آهي ته هن تڪ مان چونڊيل اميدوارَ چار ڀيرا ملڪ جا وزيراعظم رهيا آهن. ٻه ڀيرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻه ڀيرا سندس نياڻي شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جا وزير اعظم بڻيا.
رتيديري شهر جون (ٽالپر ۽ انگريز دور ۾) هندن جون ٺهرايل ماڙيون تمام گهڻيون مشهور آهن، جن لاءِ سنڌيءَ جو هڪ لوڪ گيت سالن کان مشهور آهي، جنهن جا ٻول هن ريت آهن:
’ڏسي رتي جون ماڙيون،
وهواهه رتوديرو... وهواهه رتوديرو...
ڀُورل ڪندو ڀيرو...!‘
رتيديري شهر جي نالي متعلق مختلف روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت موجب هيءُ شهر رتي خان جلباڻيءَ جي نالي پٺيان ٻَڌايل آهي، جيڪو جلباڻي قبيلي جو سردار هو. هُو رتيديري شهر ٻاهران رتيديري ــ شڪارپور روڊ تي واقع مشهور ماڳ (مقبري) ’ڀانڊي قبي‘ ۾ مدفون ٻڌايو وڃي ٿو. اها به روايت آهي ته رتي خان جي ڪنهن فوج سان جنگ ٿي هئي، جنهن ۾ هو وڙهندي شهيد ٿيو. رتي جي شهادت کانپوءِ مخالف فوجي، رتي جي سسِي پنهنجي سردارن کي ثبوت طور ڏيکارڻ جي لاءِ ڪَٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ رتي خان جلباڻيءَ جو صرف ڌڙ يا ڀانڊو اُن جاءِ تي دفن ڪيو ويو، جنهن مٿان بعد ۾ هڪ قُبو اَڏايو ويو، جنهنڪري ان قُبي تي ’ڀانڊو قُبو‘ نالو پيو. هي زباني روايت مستند نه آهي.
رتيديري شهر جي بانيءَ طور ڪنهن ’رتي خان ڀُٽي‘ ۽ ’رتي مل‘ جون روايتون به ملن ٿيون. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ رتيديري کي هڪ اندازي موجب ڪلهوڙن جي دور جو ٻَڌايل شهر سڏيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب کي رتيديري شهر جي پسگردائيءَ مان ڪڻڪ جا ڪي پنڊ پهڻ (Fossils) به مليا هئا، جيڪي هن جاءِ تي لکين سال اڳ به انساني آباديءَ جو پتو ڏين ٿا، پر ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب هتي مختلف دورن ۾ مختلف آباديون آباد ٿينديون رهيون آهن، پر موجوده آباديءَ جو وجود ويجھي ماضيءَ سان آهي، جنهن جا پار پتا ڪلهوڙن جي دور کان ملن ٿا. نوجوان محقق ۽ رتيديري واسي اديب، ياسر قاضيءَ ’رتيديري شهر جي علمي ۽ ادبي تاريخ‘ جي موضوع تي پنهنجي اڻ مڪمل ٿيسز ۾ رتيديري شهر جي بنياد جي حوالي سان اُن کي ڪلهوڙن جي دور کان به اڳ جو ٻڌايو آهي ۽ ان جي بانين جي حوالي سان مٿيُن لڳ ڀڳ سمورين روايتن کي رد ڪيو آهي. سندس تحقيق موجب، جيئن ته رتوديرو جاگرافيائي لحاظ کان اهڙيءَ جاءِ تي آهي، جو اُن جي چوڌاري ٻيا اهم شهر به آهن. ڪنهن دور ۾ جڏهن هتي ڪا به وسندي نه هئي، ته هتان، مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ قافلا گذرندا هئا ۽ هتي هڪ مسافر خاني نما ترسڻ جي جاءِ ٺهيل هئي، جتي اُٺن تي ايندڙ قافلا ڊاٻو ڪندا هئا ۽ پوءِ اڳتي جو سفر طئي ڪندا هئا. آهستي آهستي هتي اُن مسافر سرائيءَ جي جاءِ تي ڪجھه دُڪان ۽ هَٽَ آباد ٿيا ۽ پوءِ هوريان هوريان ماڻهن اُن سراءِ جي آسپاس رهائش اختيار ڪئي ۽ ايئن ئي هتي پهريان هڪ وسنديءَ نُما ڳوٺ ۽ پوءِ شهر آباد ٿيو، جيڪو اڄ ’رتيديري‘ جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.
رتيديري جي جاگرافيائي بيهڪ جي حساب سان اُن جي ڏکڻ ۾ 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي لاڙڪاڻو، اوڀر ۾ 66 ڪلوميٽرن تي شڪارپور ۽ اولهه ۾ 45 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي شهداد ڪوٽ آباد آهي. رتيديري ۾ ڪيترا اولياءَ ۽ الله جا پيارا ٻانها مدفون آهن. اهڙين اهم درگاهن ۾ درگاهه سيد صالح شاهه، نادر شاهه بخاري، درگاهه سيد مبارڪ شاهه، درگاهه سيد شريف شاهه، درگاهه فتح محمد گھوٽو وغيره شامل آهن. انهن سڀني درگاهن تي ساليانا ميلا به لڳندا رهن ٿا. هن شهر جي مرڪزي امام بارگاهه (جيڪا بيهڪ جي حساب سان به شهر جي مرڪز تي ئي واقع آهي) به هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي هن شهر جا ماڻهو ’وڏي علم پاڪ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن. هن امام بارگاهه جي باني شخصيت چئن سادات برزگن سيد جهنڊل شاهه، سيد وريل شاهه، سيد روشن علي شاهه ۽ سيد عالم شاهه جا نالا ٻڌايا وڃن ٿا. هن امام بارگاهه ۾ محرم جي ڏهن ڏينهن کان سواءِ سڄو سال ڪيترا ڀيرا مجسلون ۽ عزاداريءَ جا پروگرام پابنديءَ سان منعقد ڪيا ويندا آهن، جن ۾ ملڪ جا ناميارا عالم خطاب ڪري چڪا آهن. ساداتن جي هن خاندان جو ايامن کان ڀُٽي خاندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ وارو تعلق رهيو آهي، ان ڪري اليڪشن جي ڏينهن ۾ هن امام بارگاهه جي ميدان تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، محمد اياز سومرو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ ڪثرت سان جلسا ۽ ڪارنر ميٽنگون ڪندا رهيا آهن. هن وقت امام بارگاهه جو سرپرست سيد شاهد حسين شاهه الحسيني آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير خان قريشيءَ به هن شهر ۾ جنم ورتو ۽ سندس تدفين به رتيديري واسين جي شديد اسرار تي رتيديري ۾ ٿي. رتيديري شهر جي اولهه ۾ مين رتوديرو باءِ پاس تي بشير خان جي ويجھي ساٿيءَ هدايت الله جتوئيءَ پاران ڏنل چار ايڪڙ زمين تي سندس مزار قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي تعمير جو ڪم هلندڙ آهي. رتيديري ۾ هن خاندان کي قومي تحريڪ جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي.
رتيديري جو جناح ميدان به هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن لاءِ هن شهر جا برزگ شهري ٻڌائيندا آهن ته تحريڪ پاڪستان دوران قائداعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي هڪ سياسي جلسي ۾ هتي آيو هو ۽ تاريخي خطاب ڪيو هئائين، جنهنڪري هن ميدان جو نالو ’جناح ميدان‘ پئجي ويو. رتيديري شهر جي پراڻين بازارن ۽ ٻين ماڳن ۾ پراڻي عيدگاهه، مسجد قاضي غلام حيدر، گوڪل بازار، پوپٽ بازار، ڪپڙي بازار، وڏو ٽڪاڻو، آزاد ميدان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قديم جايون شامل آهن. هتان جي مشهور پاڙن ۾ موٽڻ پور، فتح پور، ڪنڊي جي ڪُنڊ، ڀُٽن جي وانڍ، وڌايل شهر محلو، نادر شاهه پاڙو، قاضي عبدالحئي پاڙو، ٻپڙ پاڙو ۽ ٻيون وسنديون شامل آهن.
رتيديري جي مشهور شخصيتن ۾ شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو، نواب خدابخش خان ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزيراعظم)، شهيد محترمه بينظير ڀٽو (اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم)، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ گورنر)، سردار الله بخش خان جلباڻي (سياستدان) ’سام‘ جئسنگھاڻي (اديب ۽ شاعر)، ڊاڪٽر سرلا ديوي (ليکڪا)، سيد وريل شاهه (سياستدان)، قاضي عبدالحئي ’قائل‘ (شاعر، صحافي، مصور ۽ سماج سڌارڪ)، امان علي اظهر سمون (شاعر، اداڪار ۽ موسيقار)، خان قريشي'>بشير خان قريشي (قومپرست اڳواڻ)، عبدالرزاق سُومرو (پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر ڪارڪن)، سرڪش سنڌي (ناميارو شاعر)، مقصود گل (ناميارو شاعرسيد ديدار حسين شاهه (سنڌ جو اڳوڻو چيف جسٽس، اڳوڻو نيب چيئرمين ۽ ايم. پِي. اي)، قاضي خضر حيات (ناميارو مصور ۽ ڪاشيگر)، مولوي عبدالله چانڊيو (مذهبي عالم)، مولوي عبدالڪريم ’ڪُهاڙو‘ (مذهبي عالم)، مولوي عبدالحميد چانڊيو (مذهبي عالم)، سريش ڪيسواڻي (اڳوڻو چيئرمئن، سنڌي اڪيڊمي دهلي)، قاضي اختر حيات (ناميارو مصور)، نواب اسلم شيخ (مصور)، اعتبار علي جاگيراڻي (سياسي ڪارڪن ۽ صحافي)، مرتضيٰ اعظم عباسي (شاعر)، مختار گھمرو (شاعرسيد بچل شاهه (پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن)، مير محمد عارباڻي (استاد)، حاجي نواب علي ويسر (استادعبدالقادر منگي (اديب ۽ اڳوڻو صوبائي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڪمشنر)، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات (شاعر ۽ مصور)، مدهوش ڀٽو (شاعرخان محمد سمون (موسيقار)، ماسٽر فتح علي (راڳي)، غلام شبير سمون (راڳي)، ديدار حسين سمون (راڳي)، ياسر قاضي (شاعر، مصور، ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر)، فقير مظفر علي دايو (راڳي)، حاجي نثار بزمي (راڳي) ۽ ٻين جا نالا ذڪر جي قابل آهن.
رتيديري جي شاعرن ۾ ٽي نالا ’ٽه مورتيءَ‘ جي حيثيت ۾ سڃاتا وڃن ٿا، جن ۾ سنڌيءَ جو ناميارو اديب، امرتراءِ، حشمتراءِ ’سام‘ جئسنگھاڻي، مشهور صوفي شاعر غمدل فقير ۽ قادرالڪلام شاعر قاضي عبدالحئي ’قائل‘ شامل آهن. رتيديري واسي هي ٽئي اديب ’سام ــ غمدل ــ قائل‘ ٽه ــ مورتيءَ جي نسبت سان ڄاتا وڃن ٿا.
هاري تحريڪ جي عروج واري دور ۾ رتوديرو عملي طرح هاري تحريڪ جو ڳڙهه رهيو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ جي اخبار، هفتيوار ’هاري‘ ان تحريڪ جي ترجمان هئي. رتوديرو اشاعتي سرگرمين جي حوالي سان ان کان به اڳ کان وٺي اڳرو رهيو. هتان نڪرندڙ ’بادل‘ رسالو ورهاڱي کان اڳ کان وٺي هن شهر جي صحافتي شعور جي ساک ڀري ٿو، جڏهن ته ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ٻاراڻا رسالا: ٽه ماهي گلدستو، ماهوار ٽانڊاڻو، ماهوار رانديڪو به هن شهر مان جاري ٿيندا رهيا آهن.
رتوديرو شهر هٿ جي هنرن جي حوالي سان به مشهور آهي. هتي ٺهندڙ سنڌي ٽوپيُون ۽ ڀرت سڄيءَ سنڌ ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. رتوديرو شهر ’مٺي مائي‘ ۽ ’خسته ۽ چهرن پڪوڙن‘ جي ڪري به مشهور آهي. رتيديري شهر جون شخصيتون حڪومت، سياست ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ پاڪستان جي اهم عهدن تي فائز رهيون آهن.
رتيديري شهر ۾ هڪ بوائز مين هاءِ اسڪول، هڪ بوائز سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول، هڪ بوائز ڊگري ڪاليج، هڪ گرلز ڊگري ڪاليج، 9 سرڪاري پرائمري اسڪول، لڳ ڀڳ 11 خانگي اسڪول، هڪ 30 بسترن واري سرڪاري اسپتال، 3 خانگي ميڊيڪل سينٽر، 2 پريس ڪلب، هڪ پبلڪ لائبرري، هڪ ٿاڻو، ميونسپل ڪاميٽي ۽ هڪ پبلڪ پارڪ پڻ آهي.
رتيديري شهر جي مختصر تاريخ سنڌ جي نامياري اديب مقصود گل ’رتوديروـ مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان سهيڙي آهي، جنهن کي لاڙڪاڻي ضلعي جي سئو ساله جشن جي موقعي تي سنڌڙي ڪتابي سلسي رتيديري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو